اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ پروگرام جوڙيو پ??و وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻا??و وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ??اضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻا??و وڃي، کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ ٻين شين تي لاڳو هر ٽيڪس جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن جيستائين ممڪن ٿي سگهي ٽيڪسن جي بار ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ضرورت جي شين جي قيمتن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاق?? وزيرن مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، اسد عمر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، پنجاب جي خوراڪ وار?? وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي ناڻي وار?? وزير مخدوم هاشم جوان بخت ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ??ي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، کپت ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صنعت واري وفاق?? وزير محمد حماد اظهر ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ قيمتن جي حوالي سان ??زيراعظم ??ي آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي هدايتن موجب کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ گئس جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪ??و ويو. چيف سيڪريٽرين صوبن ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي رمضان ??هيني ۾ عوام کي رمضان بازارن ۽ ٻين انتظامن ذريعي سستي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ??يو ته بنيادي ضرورت جي شين جي ڏس ۾ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي حوالي سان ??روگرام جوڙيو پ??و وڃي جنهن سان ??ه رڳو حڪومت پاران ??راهم ڪي?? سبسڊي سڌوسنئون مستحق ماڻهن کي ملندي پر سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻا??و وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي. ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ??اضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻا??و وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Speaker freezes Waqas case, paves way for political talks
-
Fertilizer firm receives 1.5MW supply in Gwadar North Free Zone
-
39 Smart Police Stations across Punjab near completion
-
SALU awards Rs 3.45m in scholarships
-
Whole world will come to know when Pakistan strikes India: ISPR
-
Heavy rain and hailstorm lash Islamabad and Rawalpindi, trigger traffic chaos
-
Arrest of agent proves RAW role in Balochistan
-
Granting India access to NSG will be discriminatory
-
Rangers kill two alleged terrorists in Karachi
-
Vehicles worth Rs189m doled out to politicians: audit report
-
2 accused awarded death sentence, 2 acquitted
-
کریش گیم انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح اور محفوظ گیمنگ کا بہترین پلیٹ فارم