اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت ??رز??وئيف وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سڀاڻي خميس ڏينهن پاڪستان پهچندو. ازبڪ صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ سرڪاري آفيسر، ڪاروباري ۽ ميڊيا ميمبر شامل هوندا. 2016ع ۾ صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ازبڪ صدر ??رز??وئيف جو پاڪستان جو هي پهريون دورو هوندو. ازبڪ صدر اهڙي وقت ۾ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ س??ار??ي لاڳاپا قائم ڪرڻ جا 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران پاڪ ازبڪ اڳواڻ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. ان کانسواءِ ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪندا. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي صدر سان ون آن ون ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ميڊيا اسٽيڪ آئوٽ ٿيندو. وزيراعظم ازبڪ صدر جي مان ۾ هڪ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ازبڪ صدر ??رز??وئيف ۽ صدر عارف علوي جي وچ ۾ پڻ ملاقا?? ٿيندي. ٻئي ڌريون سياسي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ، تيزي سان وڌندڙ واپار، ٽرانزٽ ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن ۾ اضافي، تعليمي ۽ ثقافتي تعاون جو فروغ، پاڪستان ۽ ازبڪستان ۽ افغانستان کي ڳنڍيندڙ ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين جي وچ ۾ پڻ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ازبڪ صدر جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ 2 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو 7 هون اجلاس ۽ ٻيو جوائنٽ بزنس فورم منعقد ٿيندو. پاڪستان ”ويزن سينٽرل ايشيا??? ف??يم ورڪ تحت وچ ايشيائي ملڪن سان پنهنجي رابطن کي وڌايو آهي. ان ويزن ۾ سياسي، س??ار??ي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع جا شعبا شامل آهن.
متعلقہ مضامین
-
All issues will be resolved by upholding oath: Justice Shah
-
گولڈن جیم آفیشل گیم پلیٹ فارم: گیمنگ کا نواں دور
-
GW لاٹری ایماندار تفریح ویب سائٹ
-
Pakistan, Afghanistan call for joint efforts to fight terror
-
Township for Pandits, new industrial policy, a big lie: Hurriyet leaders
-
UN-backed partnerships launched to end violence against children
-
OIC secretary general raises Kashmir issue during talks with UN chief
-
Indian Army again violates ceasefire accord
-
ECP approves election symbols for political parties
-
Peaceful, stable South Asia to generate dividends for people: President Mamnoon
-
Islamabad-bound flights delayed by three hours
-
Fire and Rose Clown Game Download - Urdu