اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي عوام جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو جنهن سان موجوده صورتحال پيدا ٿي آهي، وفاقي حڪومت سمورا سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ملڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، عوام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي نقاب ڪندا رهنداسين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، درآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪ?? آهي جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪوم?? جي پاليسين جو محور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جي عوام جنهن ڪرب مان گذري رهي آهي ان سان وفاقي حڪومت لاعلم نه آهي، حڪومت سميت پوري قوم کي ڪراچي جي عوام سان پوري همدردي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي ??ني??د تي ڪراچي جي صورتحال تي بريفنگ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم سنڌ جي صوبائي حڪومت کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.
متعلقہ مضامین
-
All issues will be resolved by upholding oath: Justice Shah
-
گولڈن جیم آفیشل گیم پلیٹ فارم: گیمنگ کا نواں دور
-
GW لاٹری ایماندار تفریح ویب سائٹ
-
Pakistan, Afghanistan call for joint efforts to fight terror
-
Township for Pandits, new industrial policy, a big lie: Hurriyet leaders
-
UN-backed partnerships launched to end violence against children
-
OIC secretary general raises Kashmir issue during talks with UN chief
-
Indian Army again violates ceasefire accord
-
ECP approves election symbols for political parties
-
Peaceful, stable South Asia to generate dividends for people: President Mamnoon
-
Islamabad-bound flights delayed by three hours
-
Fire and Rose Clown Game Download - Urdu