اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضا??طو آڻڻ ۾ مدد ملي، پاڪستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي لاءِ ضا??طن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪي??، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪ??ي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وبا جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، پاڪستان ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪورونا وبا کان گهٽ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته واپاري پنهنجي مصنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش واپارين کي پنهنجي مصنوعات وڪرو ڪ??ڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اها نمائش منعقد ڪري شاندار ڪم ڪي?? آهي. صدر چيو ته واپارين جي ٻاهرئين ملڪ سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل قونصلرز سان رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ڪمرشل قونصلرز کي مناسب انداز ۾ آگاهي فراهم ڪري ٿي جڏهن ته واپاري برادري به انهن کي پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪري سگهي ٿي ته جيئن مختلف ملڪ ۾ پاڪستاني واپارين جي مصنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪ??ي سگهجي ۽ ڪمرشل قونصلر مختلف ملڪن جي منڊين ۾ موجود موقعن بابت واپارين کي آگاهه ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي روايتي روانگي واپار سان گڏوگڏ پنهنجي مصنوعات جي ويليو ايڊيڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پاڪستان جي اندر مصنوعات جي پروڊڪشن، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌيان ڏيون ٿا، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي.
متعلقہ مضامین
-
KP CM orders action against encroachments, expeditious relief work
-
CM Maryam invites Thai business community to invest in Punjab
-
Pakistan at 70
-
PS-112: SHC tribunal declares PTI candidate’s plea maintainable
-
Over 1900 arrested, 1866 cases registered under Anti-Kite Flying Act
-
UN Committee to review Pakistan’s record on children’s rights
-
Gwadar Port to come into operation today
-
Can India rise to greatness?
-
PTI leader congratulates Bajwa, Zubair
-
Chief secretary directed to formulate policy for domestic workers
-
R88 کارڈ گیم تفریحی سرکاری داخلی راستہ
-
Esme الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل تفصیل