اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي معاشي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته رياست کي ماءُ جهڙو هجڻ گهرجي، عمران خان وزيراعظم بڻجڻ لاءِ نه الله جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ لاءِ سياست ڪندو آهي، اسان احساس پروگرام تحت ملڪ جي ڪمزور طبقن جي خدمت لاءِ اربين روپين جا پروگرام شروع ڪيا، ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي قدمن جي آمريڪا ۽ فرانس سميت ڪيترن ئي عالمي ادارن واکاڻ ڪئي آهي، سنڌ جي 14 ضلعن، بلوچستان جي ڏاکڻي ضلعن ۽ گلگت بلتستان لاءِ مجموعي طور تي 1739 ارب روپين جي چار پيڪيجز ٺاهيا ويا آهن، خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ رقم 24 ارب مان وڌائي 54 ارب روپيا ڪئي وئي آهي، هيستائين 46 ارب روپين جي ڪورونا ويڪسين لڳي چڪي آهي، ايندڙ 6 مهينن ۾ ڪورونا ويڪسين تي 146 ارب روپيا وڌيڪ لڳندا، اسان جي نيت صاف آهي، ڪاميابي جي آثار نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري مخالف ڌر بوکلاٽ جو شڪار آهي، انشاءُ الله اسان جي محنت رنگ لائيندي ۽ وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي اها ڳالهه مون پسند آئي ته حڪمران جو ڪم هوندو آهي ته يتيمن، مسڪينن، بيواهن ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکيو وڃي، اسان جو اڳواڻ عمران خان شوڪت خانم ۽ نمل جي ذريعي جيتري خدمت ڪئي آهي اها ڪنهن جي حصي ۾ ناهي آئي، سرندي وارا به اهو ڪم ڪندا آهن پر اولين ذميداري رياست جي هوندي آهي، اسان اهو سبق اولهندي دنيا کان نه پر پننجي دين مان سکيو آهي، اسلام ۾ رياستي وسيلن تي سڀني کان وڌيڪ حق ڪمزور طبقن جو هوندو آهي، لنگر خانن ۾ غريبن کي عزت ۽ احترام سان کاڌو ملندو آهي، وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ ساليانو 108 ڪروڙ جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري اهو ڪم ڪيو پيو وڃي، مخالف ڌر اڳواڻ ڪورونا ۽ ڊينگي جي ڳالهه ڪئي آهي هن چيو ته آمريڪي چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪستان جهڙا قدم ڪريون ها ته اسان اربين ڊالر بچائي سگهياسين پي، بل گيٽس چوي ٿو ته ڀارت ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم به چيو آهي ته پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا وبا تي ضابطو آندو آهي ان جو مثال نٿو ملي، اهو پوري پاڪستاني قوم ڪري ڏيکاريو آهي جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته ڪجهه اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو لُٽي اربين ڊالرن جو جائيدادون ٺاهي رهيا آهن، قوم جو پئسو عوام جي امانت هوندو آهي، قوم جي پئسي جو قوم جو حڪمران جواب ڏيڻ کان قاصر هجي ته پاڪستاني قوم جو حق بڻجي ٿو ته هو سوال پڇي ته اهو پئسو ڪٿان کان آيو ان سوال جو دفاع نيازي نيب ڳٺ جوڙ جو نعرو نه آهي.
متعلقہ مضامین
-
سلاٹ مشین ایپس کی دنیا میں نئے رجحانات اور فائدے
-
سلاٹ مشین پیٹرنز جیتنے کے لیے بہترین حکمت عملیاں
-
سلاٹ مشین پیٹرنز جیتنے کے راز اور طریقے
-
فوری واپسی اور ڈپازٹ سلاٹ کی غیر موجودگی کی اہمیت
-
فوری واپسی اور بغیر ڈپازٹ سلاٹ کے خدمات کی اہمیت
-
فوری واپسی اور بغیر ڈپازٹ کے سہولیات کی اہمیت
-
فوری واپسی اور بغیر ڈپازٹ سلاٹ کے جدید سہولیات
-
پاکستان کے لیے ترقی پسند مقامات اور ان کی اہمیت
-
نئے سلاٹ گیمز کی دنیا میں دلچسپ تجربات
-
مفت سلاٹ گیمز کی دنیا: تفریح اور موقعے کا بہترین ذریعہ
-
مفت سلاٹ گیمز کی دلچسپ دنیا
-
کلاسیکی سلاٹس کی تاریخ اور ثقافتی اہمیت