اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪندو جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو. انتونيو گوٽريس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
فوری واپسی والے سلاٹس: تیز اور آسان کھیل کا نیا طریقہ
-
فوری واپسی کے ساتھ سلاٹس کی اہمیت اور فوائد
-
فوری واپسی کے ساتھ آن لائن سلاٹس: تیز اور محفوظ کھیل کا تجربہ
-
پلیئر سلاٹ کا تفصیلی جائزہ اور گیمنگ کا جدید تجربہ
-
پختونخوا میں سلاٹ گیمز کی موجودہ صورتحال اور اثرات
-
کلاسیکی سلاٹس کی تاریخ اور ثقافتی اہمیت
-
لاہور میں کھلاڑیوں کے لیے نئے سلاٹس اور مواقع
-
سلاٹ مشین اینڈرائیڈ ایپس کی بہترین تجاویز اور معلومات
-
بہترین RTP کے ساتھ سلاٹس کا انتخاب کیسے کریں؟
-
آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں: جدید دور کی تفریح اور مواقع
-
آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں: تفصیل، فوائد اور احتیاطی تدابیر
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن کی دلچسپ دنیا